سوڍل شاهه جي مزار

سوڍل شاهه جي مزار: نامور بزرگ سوڍل شاهه جي مزار ضلعي ميرپورخاص جي تعلقي ڊگهڙيءَ ۾ ڪاڇيلي اسٽيشن جي ڀرسان آهي. روايت آهي ته سوڍل فقير اصل ۾ ذات جو ٺڪر هو، پوءِ مسلمان ٿي ذڪر الاهيءَ ۾ مشغول ٿي ڪامل درويش ٿيو، جنهن بعد ’سوڍل شاهه‘ سڏجڻ لڳو. پاڻ اڪثر وقت مجذوبيءَ جي حالت ۾ گذاريندو هو، دنيا جي حالتن کان بي پرواهه رهي عبادت ۾ مشغول رهندو هو.


لفظ سوڍل شاهه جي مزارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو